اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان سان گڏوگڏ خطي جي لاءِ پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبو (سي ??يڪ) گيم چينجر ثابت ٿيندو، ان منصوبي ۾ روڊ، ريل جو نظام، سامونڊي بندرگاهون، تيل ۽ گئس پائيپ لائين، آپٽيڪل فائبر وڇائڻ، خصوصي اقتصادي زونز، سرحد پار واپار ۽ تعاون جا مرڪز ۽ آزاد واپاري معاهدا شامل آهن، سي ??يڪ منصوبي سان پاڪستان ۽ چين ٻئي فائدو کڻي سگهندا، سي ??يڪ سان مجموعي طور تي 2.3 ملين نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا، جنهن سان جي ڊي پي ۾ ساليانو 2.5 سيڪڙو کان وڌيڪ جو اضافو ٿيندو، پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي ??يڪ) پنهنجي پهرين مرحلي 20 – 2015ع ۾ ذڪر جوڳي ترقي آهي. هو پائيدار ترقي جي هدفن بابت نيشنل پارلياماني ٽا??ڪ فورس (ايس ڊي جيز) ۽ سينيٽ جي قومي اتحاد بابت خصوصي ڪميٽي جي اهتمام هيٺ سي ??يڪ چئلينجن ۽ موقعن تي قومي سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو.