اسلام آ??اد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماحولياتي آلودگي ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ هڪ وڏو چئلينج آهي، سرسبز علائقن ۾ وڻن کي وڍي وڏيون عمارتون اڀيون ڪيون ويون، ماضي جون حڪومتون ٻيلن جي زمين سياسي مقصدن لاءِ ماڻهن کي ليز تي ڏينديون رهيون، ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي منص??بي سان مقامي ماڻهن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار بلين ٽري سونامي منص??بي تحت ملڪ ۾ ماکي جي پيداوار وڌائڻ جي پروگرام جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪن??ي ڪيو.