اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمر??ن خان ۽ پوري قوم مچ سانحي جي دل ڌوڏيندڙ واقعي تي ڏکويل آهي، وزيراعظم عمر??ن خان سانحي جي پونئيرن سان ڏک جو اظهار ڪندي هزاره برادري کي ملڪ کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجز کان آگاهه ڪي??، ملڪ دشمن قوتون پاڪستان ۾ بي يقيني، مايوسي ۽ خوف پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري ??هي??ن آهن، جڏهن ته حڪومت لاڳاپيل قومي سلامتي جي ادارن سان گڏجي شرپسند عنصرن جو پيڇو ڪندي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا واقعا نه ٿي سگهن. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم عمر??ن خان جو ڪوئيٽا جو دورو اهم هو، هن مچ سانحي جي متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪي?? ۽ شهيدن جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي، وزيراعظم عمر??ن خان هزاره برادري کي ملڪ کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجز کان به آگاهه ڪي?? ۽ انهن کي ٻڌايو ته سانحي ۾ پرڏيهي عنصر ملوث آهن جڏهن ته هن مشڪل وقت ۾ پوري قوم انهن سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن کي يق??ن ڏياريو ته حڪومت انهن جا سمورا مطالبا پورا ڪندي.