اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز اڄوڪي ڏينهن عورت صحافين کي به خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته عورت صحافين پنهنجي قلم جي قوت سان صحافت جي آزادي جي روشن روا??تن کي برقرار رکيو ۽ پنهنجي صلاح??تن کي مڃرايو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ميڊيا جي ترقي ۽ عوام تائين صحيح معلومات جي فراهمي ۾ مردن وانگر عورت صحافي به اه?? ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. حڪومت صحافين خاص طور تي عورتن جي تحفظ ۽ ڀلائي لاءِ سمورا ممڪ?? قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته عورتون ان شعبي ۾ آزاداڻي ۽ بهترين انداز ۾ پنهنجون ذميواريون سر??نج??م ڏئي رهيون آهن، انهن لاءِ وڌيڪ سازگار ماحول جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري قانون ۽ زينب الرٽ ايپ جاري ڪرڻ ٻارن جي تحفظ ۽ سلامتي ۽ کين ڪڌي ظلم کان بچائڻ لاءِ هڪ عملي قدم آهي.