اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ پهرئين ون ونڊو احساس سينٽر جو آغاز ڪيو. وز??را??ظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم کي ون ونڊو سينٽر ۽ احساس ون ونڊو قدمن تي بريفنگ ڏني وئي، اسلام آباد ۾ اڄ پهريون ون ونڊو احساس سينٽر قائم ڪيو پيو وڃي. ملڪ جي هر ضلعي ۾ احساس ون ونڊو سينٽر کوليا ويندا، ان مرڪز ۾ هڪ ئي ڇت ه??ٺ احساس ج?? سڀني سهولتن ۽ خدمتن تائين پهچ ممڪن ٿيندي.