اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي)گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي م??ڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 53 فوتگيون ٿيون جنهن مان 25 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي م??ڪ ۾4 هزار 40 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آ??ا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان راولپنڊي ۾ 28 سيڪڙو، ??شاور ۾ 38 سيڪڙو، ??لتان ۾ 34 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 46 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ايبٽ آباد ۾ 59، ڪر??چي ۾ 60 سيڪڙو، حيدر آباد ۾ 68 سيڪڙو ۽ اسڪردو ۾ 89 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 53 هزار 528 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 17 هزار 625، پنجاب ۾ 19 هزار 506، خيبرپختونخواهه ۾ 10 هزار 53، اسلام آباد ۾ 3 هزار 89، بلوچستان ۾ 1 هزار 47، گلگت بلتستان ۾ 541، آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 667 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي م??ڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 ل?? 46 ??زار 404 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي م??ڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 440 مريض آهن. سڄي م??ڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 82 هزار 298 آهي.