اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ انصاف ۽ قانون جي بالادستي مڪمل طور تي قائم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، معاشري جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي ته معاشري جي هر طبقي جي ترقي تي ڌيان ڏنو وڃي. وزي??اع??م ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب وزي??اع??م عمران خان سان برطانيا جي پارليامينٽ ميمبرن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ لارڊ واجد خان، ناز شاهه ۽ محمد ياسين شامل هئا. وفد وزي??اع??م کي اسلامو فوبيا تي آواز اٿارڻ ۽ مديني جي رياست جي طرز تي پهريون ڀيرو معاشي ۽ سماجي طور تي پيڙهيل طبقن جي لاءِ سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي جا قدم کڻڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان کانسواءِ آزاد ڪشمير ۾ نئين چونڊي?? حڪومت جي عوامي ڀلائي جي لاءِ کنيل ??دم?? کي پڻ ساراهيو. ملاقات ۾ موجوده حڪومت جي مختلف ??دم??، عوام دوست پاليسين ۽ ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان ??دم?? تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزي??اع??م چيو ته نظام حڪومت جي حوالي سان اسان جو ماڊل مديني جي رياست آهي، فلاحي رياست ۽ قانون جي بالادستي مديني جي رياست جا سنهري اصول هئا. وزي??اع??م چيو ته حڪومت ملڪ ۾ انصاف ۽ قانون جي بالادستي مڪل طور تي قائم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، معاشري جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي ته معاشري جي هر طبقي جي ترقي تي ڌيان ڏنو وڃي.