اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان مختلف قومي اسيمبلي ميمبرن ڪالهه اربع ڏينهن هتي ملاقات ڪئي ۽ قانونساز??، سياسي صورتحال ۽ پنهنجي تڪن ۾ جاري ت??قي??تي منصوبن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن سيد فيض الحسن، حاجي ??مت??از احمد چوڌري، اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر اعجاز احمد چوڌري، چوڌري شوڪت علي ڀٽ??، سردار طالب نڪئي، راڻا محمد قاسم نون، ذوالفقار علي خان، چوڌري عامر سلطان چيما، مهر غلام محمد لالي، نواب شير وس??ر، صداقت علي عباسي، راءِ محمد مرتضيٰ، امجد علي خان ۽ عبدالغفار وٽو شامل هئا. ملاقات ۾ وفاقي ڪابينا جا ميمبر پڻ موجود هئا.