اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان سدائين مشڪل وقت ۾ افغان عوام جو ساٿ ڏنو آهي، عالمي برادري افغان عوام جون مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري، افغان عوام جي انساني بنيادن تي هر ممڪن مدد جاري رکنداسين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هن افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي ۽ سندس وفد کي خاطري ڪرائي آهي ته اسان افغانستان کي انساني همدردي جي بنياد تي سموري ممڪن امداد فراهم ڪن??اسين ۽ افغان عوام کي فوري ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ کاڌي جون ضروري شيون، هنگامي طبي اوزار ۽ سرديءَ کان بچڻ جي لاءِ سامان موڪلي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جو سفر ڪن??ڙ سمورن افغان شهرين کي ڪوويڊ 19 ويڪسين فراهم ڪن??اسين. وزيراعظم چيو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر ??المي برادري تي زور ڏي ٿو ته اها افغانستان جي عوام کي درپيش سنگين انساني بحران کان بچڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل ذميواري پوري ڪري.