اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي دوري تي آيل افغانستان جي عبوري حڪومت جي وقتي پرڏيهي و??ير امير خان متقي جُون پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي سان پرڏيهي و??ارت ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون. هوابازي و??ري وفاقي و??ير غلام سرور خان، ناڻي و??ري صلاحڪار شوڪت ترين، واپار واري صلاحڪار رزاق دائود سميت پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، افغانستان جي لاءِ پاڪستان جو خصوصي نمائندو ايمبيسڊر محمد صادق، افغانستا?? ۾ ??اڪستان جو سفير منصور احمد خان ۽ پرڏيهي و??ارت جا سينيئر آفيسر پ?? موجود هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي و??ير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند اهي، پاڪستان ويجهو پاڙيسري هجڻ جي ناطي افغانستان ۾ گذريل 40 سالن کان جاري جنگ ۽ بدامني سبب سخت متاثر ٿيو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان گذريل چار ڏهاڪن کان 30 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪندو اچي رهيو آهي. هن چيو ته افغانستان کي معاشي ۽ انساني بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ پاڪستان مسلسل عالمي برادري کان فوري امداد ۽ مثبت ڪردار جي گهرج ڪندو آيو آهي، پاڪستان محدود وسيلن جي باوجود افغان ڀائرن جي انساني معاونت، دوائن ۽ خوراڪ جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي و??ير ان نازڪ موڙ تي افعانستان جي اندر ۽ ٻاهر امن مخالف عنصرن تي سخت نظر رکڻ جي تاڪيد ڪئي. پرڏيهي و??ير افغان وفد کي ٽرائيڪا پلس اجلاس ۾ شريڪ روس، چين ۽ آمريڪي نمائندن خاص طور تي افغانستان سان ٿيندڙ ??لاقات ۽ ڳالهه ٻولهه بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اسان جي خواهش آهي ته افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ايندڙ اجلاس ۾ افغانستان جي عبوري حڪومت جي نمائندن کي پڻ گهرايو وڃي پرڏيهي و??ير افغان وفد کي پاڪستان ۽ افغانستان جي و?? ۾ ??اپاري رابطن، واپاري لنگهه ۾ فراهم ڪيل سهولت ۽ انساني معاونت جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. افغانستان جي عبوري حڪومت جي وقتي پرڏيهي و??ير امير خان متقي افغانستان کي انساني بحران مان ڪڍڻ ۽ عالمي برادري جو ڌيان افغانستان جي خراب ٿيل اقتصادي صورتحال طرف ڇڪرائڻ تي پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا.