اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي علائقائي صد??ن ۽ جنرل سيڪريٽريز جو اجلاس ڪراچي ۾ منعقد ٿيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات دوران صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ ترقياتي اسڪيمن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم اجلاس جي دوران ڳالهائيندي سنڌ حڪومت تي زور ڏنو ته هو وفاق?? حڪومت جي سمورن سماجي ۽ اقتصادي ترقي ??ي اسڪيمن سميت ڪامياب پاڪستان، ا??ساس ڪارڊ، ا??ساس راشن رعايت پروگرام، صحت ڪارڊ ۽ آبادگار ڪارڊ ۾ ڀرپور حصو وٺي. هن چيو ته رڳو سياسي سببن جي بنياد تي سنڌ صوبي جي عوام کي وفاق?? حڪومت جي ترقياتي اسڪيمن جي ثمرن کان محروم نٿو رکي سگهجي، وفاق?? حڪومت جا سمورا منصوبا عوامي فلاح جي لاءِ آهن.