اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اڄ پاڪستان پنهنجي موثر سفارتڪاري جي ڪري پوري دنيا جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، هن اها ڳالهه اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ اطلاعات واري وزارت جي سينئر آفيسرن جي اعزاز ۾ پرڏ??هي وزارت ۾ ڪيل چانهه جي اهتمام جي موقعي تي چئي. ان موقعي تي وزيراعظم جي خاص مددگار علامه طاهر اشرفي، پرڏ??هي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهده، پي ??ءِ او سهيل علي خان، ايڪسٽرنل پبلسٽي جي ڊائريڪٽر جنرل عنبرين جان، اي پي پي جي ايم ڊي مبشر حسن، پي ٽي وي جو ايم ڊي عامر منظور، ايگزيڪيٽو پروڊيوسر عون ساهي، وزيراعظم جو ڊجيٽل ميڊيا بابت فوڪل پرسن ڊاڪٽر ارسلان خالد، جي ايم ڊجيٽل ميڊيا ونگ عمران غزالي ۽ پرڏ??هي وزارت جي سينئر آفيسرن به شرڪت ڪئي. پرڏ??هي وزير 19 ڊسمبر تي او ??ءِ سي جي پرڏ??هي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۽ ان جي ارادن ۽ مقصدن جي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ موثر تشهير تي اطلاعات واري وزير چوڌري فواد حسين ۽ سندس پوري ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ان جي خ??مت?? کي ساراهيو. هن چيو ته الله رب العزت وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان کي هڪ تاريخي، سفارتي ڪاميابي سان نوازيو، افغانستان جي حوالي سان منعقد او ??ءِ سي جي پرڏ??هي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي ۽ اڄ پاڪستان پنهنجي موثر سفارتڪاري جي ڪري پوري دنيا جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان مارچ 2022ع ۾ او ??ءِ سي جي پرڏ??هي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني ڪرڻ لاءِ به پرعزم آهي.