اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته يو??يورسٽين خاص طور تي آءِ ٽي ۽ انجنيئرنگ جي شعب?? ۾ ??اخلا جي شرح وڌائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هنرمند گريجوئيٽس جي مارڪيٽ جي طلب کي پورو ڪري سگهجي، پاڪستان جي مقابلي ۾ علائقائي ملڪن جُون يو??يورسٽيون وڏي تعداد ۾ گريجوئيٽس پيدا ڪري رهيون آهن ۽ اسان جي يو??يورسٽين کي ملڪ ۾ بيچلرز ۽ ماسٽرز گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ وفاقي چارٽرڊ يو??يورسٽين ۽ ڊگري ڏيندڙ ادارن جي وائيس چانسلرز ريڪٽرز جي اجلاس دوران ڪيو، فيڊرل ايجوڪيشن ۽ پروفيشنل ٽريننگ واري وفاقي وزير شفقت محمود، هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شائسته سهيل، مختلف يو??يورسٽين جي وائيس چانسلرز ۽ ريڪٽرز اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر يو??يورسٽين تي زور ڏنو ته هو پاڪستا?? ۾ ??وزگار جي شرح کي وڌائڻ لاءِ اڪيڊمين ۽ انڊسٽري جي رابطن کي فروغ ڏئي پنهنجي شاگردن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنر سان ليس ڪن، هن مناسب طريقي سان ڊزائين ڪيل آن لائين ڪورسز ۽ مواد جي پهچ ۽ تشخص جي بهتر طريقن جي ذريعي ورچوئل تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششون ڪرڻ تي به زور ڏنو، وفاقي وزير شفقت محمود مهارت تي ٻڌل تعليم، فيڪلٽي جي ترقي، ۽ ليبز ۽ لاڳاپيل تعليمي سهولت?? ۾ ??يڙپڪاري ڪري معياري گريجوئيٽس تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ ايڇ اي سي جي آن لائن ۽ ڊسٽنس لرننگ پاليسي ۽ يو??يورسٽين جي درجه بندي جي لاءِ ان جي معيار تي خيالن جي مٽاسٽا کانسواءِ بي ايس ۽ ايم ايس گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ ۾ مختلف تجويزن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس ۾ هنرمند افرادي قوت جي مارڪيٽ جي طلب کي نظر ۾ رکندي مختلف شعب?? ۾ ??يسوسيئيٽ ڊگريون (2 سالا ڊگريون) متعارف ڪرائڻ ۽ پاڪستا?? ۾ ??عليٰ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي امڪانن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، شرڪت ڪندڙن استادن جي ترقي، تحقيقي سهولتن ۽ استادن جي تربيت جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن هو آن لائن تعليم فر??هم ڪرڻ جي لاءِ گهربل مهارتن سان ليس ٿي سگهن.