اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي ڊا??منڊ جوبلي تقريبون شاندار طريقي سان ملهائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي 75 هين سالگرهه تي نوجوانن کي پاڪستان جي قيام جو مقصد ۽ علامه اقبال جي پيغام جي اصل تشريح سمجهڻ جي ضرورت آهي. قدرت پاڪستان کي هر قسم جي نعمت سان نوازيو آهي جنهن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ڊا??منڊ جوبلي 2022ع جي تقريبن جي تياري جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، خاص مددگارن ڊاڪٽر شهباز گل، شهزاد نو??ز ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم عمران خان کي تقريبن جي تيارين جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڊا??منڊ جوبلي جي حوالي سان پاڪستان جي تاريخ، ??قافت قومي هيروز، تحريڪ پاڪستان جي مشهور عورتن، مقامي راندين، سياحت، معيشت، گرين پاڪستان ۽ دوست ملڪن سان لاڳاپن جي حوالي سان ڊاڪيومينٽريز ۽ تقريبون منعقد ڪيون وينديون. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان جي ڊا??منڊ جوبلي تقريبون شاندار طريقي سان ملهايون وينديون. انهن تقريبن جو مقصد پاڪستان جي ڌار سڃاڻپ، ثقافت ۽ منفرد جاگرافيائي کي اجاگر ڪرڻ آهي، هن چيو ته پاڪستان جي 75 هين سالگرهه تي نوجوانن کي پاڪستان جي قيام جو مقصد ۽ علامه اقبال جي پيغام جي اصل تشريح سمجهائڻ جي ضرورت آهي، قدرت پاڪستان کي هر قسم جي نعمت نوازيو آهي جنهن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي.