اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) سينيٽ ??يئرمين محمد صادق س??جراڻي رسجا جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد ڏني آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ ??يئرمين سماءَ نيوز جي عباس شبير ??ي صدر، آج نيوز جي آصف نويد کي سينئر نائب صدر، 92 نيوز جي فهيم اختر، اين اين آءِ جي حافظ عبيد نائب صدر، افضل جاويد کي گورننگ باڊي ميمبر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آه??، هن چيو ته نوان چونڊيل عهديدارن جي چونڊ انهن جي قائداڻي صلاحيتن تي صحافي برادري جي اعتماد جو ثبوت آهي، آزاد، فعال ۽ متحرڪ ميڊيا جمهوريت جي مضبوطي ۽ جمهوري قدرن جي فروغ لاءِ اڻٽر آهي، سينيٽ ??يئرمين اميد ظاهر ڪئي ته نوان چونڊيل عهديدار صحافي برادري جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا