لاهور – 05 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڀارت جي ڪوشش آهي ته مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي، هندوتوا جي سوچ رکندڙ پارٽي کي وزيراعظم عمران خان بي نقاب ڪيو، 5 آگسٽ جي هڪ طرفي ڀارتي قدم کانپوءِ مو??ي سرڪار موقعو فراهم ڪري ڇڏيو ته ڪشمير مسئلو دنيا ۾ اڀري سامهون آيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور پريس ڪلب ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جي ح??الي سان سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪشميري مائرن کي سلام آهي جن پنهنجا پٽ قربان ڪيا، پاڪستان او آءِ سي ۽ هر فورم تي ڪشميرين جا مسئلا اجاگر ڪندو، جيڪو ملڪ ڪشميرين تي ظلم تي آواز نه اٿاريندو تاريخ ان کي مو??ي سان گڏ تصور ڪندي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي کي پاڪستان جي اندر ۽ ٻاهر رهندڙن ۽ سفارتخانن کي رخ تعين ڪري اڳتي کڻي وڃڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ جي هڪ طرفي ڀارتي قدم کانپوءِ ڪشمير مسئلو دنيا ۾ اڀري سامهون آيو، عالمي ميڊيا سڄي دنيا ۾ ڀارتي هڪ طرفي قدم جي نشاندهي ڪئي، ڪشمير ۾ پيلٽ گنز جو استعمال ٿيو، بزرگن ۽ عورتن تي ظلم ڪيو ويو، برهان واني جهڙن آزادي جي مجاهدين کي شهيد ڪيو ويو. ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن دوران گڏيل قبرن جو انڪشاف ٿيو. ڪشميرين جي نسل ??شي ڪئي وئي، جيڪو گڏيل قومن جي چارٽر مو??ب ڏوهاري ??مل آهي. ان سموري ??مل سان مو??ي سرڪار جو ڪارو چهرو دنيا آڏو بي نقاب ٿيو. هن چيو ته اسان جا احساس ڪشميرين سان گڏ آهن. اتي ٿيندڙ ظلم جي تڪليف پاڪستان جي هر شهري کي محسوس ٿئي ٿي، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني سدائين ڪشمير مسئلو اجاگر ڪرڻ جي ح??الي سان ڪردار ادا ڪن ٿا، اوورسيز جي ڪوششن کي ساراهڻ گهرجي.