اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته هارس ٽريڊنگ ۽ ضمير فروشي جي راند بند ٿيڻ گهرجي، سنڌ هائوس ۾ جيڪا بدبودار راند کيڏي وئي آهي ان جو ازالو ناهي ٿيو، اتي خچر ٽريڊنگ، گهوڙا ٽريڊنگ ۽ گڏهه ٽريڊنگ جي منڊي لڳل آهي، جهڙي طرح سان ضمير فروشي ٿي رهي آهي، ان کي روڪڻ ضروري آهي، اٽارني جنرل جو موقف آهي ته ايم ا??ن اي جو ووٽ پارٽي جو ووٽ آهي، ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو ف??صل?? اسپيڪر ڪندو جڏهن ته تاحيات نااهلي بابت فيصلو سپريم ڪورٽ کي ڪرڻو آهي، هارس ٽريڊنگ روڪڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ جو اهو ڪيس انتهائي اهميت وارو آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان پاڪستان ۾ هڪ ن??ين سياست جو بنياد رکيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر به موجود هو. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم جي چونڊ يا بي اعتمادي رٿ سميت فنانس بل تي ايم ا??ن اي جو ووٽ پارٽي جو اجتماعي ووٽ آهي، جيڪو پارلياماني اڳواڻ جي ذريعي استعمال ٿيندو آهي، انهي نڪتي تي سپريم ڪورٽ ۾ اٽارني جنرل جا دليل جاري آهن، جيڪڏهن ان ووٽ تي پابندي نه هجي ها ته پوءِ آرٽيڪل 63 اي آڻڻ جو فائدو ئي ڪهڙو هو، هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل ان ڳالهه سان جڙيل آهي ته عدليه هارس ٽريڊنگ تي ڪارروائي ڪري، هن چيو ته اٽارني جنرل بينظير ڀٽو ڪيس جوحوالو ڏنو، ان ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ سڄي ڳالهه وضاحت سان بيان ڪئي آهي، هارس ٽريڊنگ ۾ ملوث ماڻهو پنهنجو ووٽ استعمال ڪري سگهندا يا نه ان باري ۾ فيصل?? اسپيڪر ڪندو پر تاحيات نااهلي بابت فيصلو سپريم ڪورٽ کي ڪرڻو آهي. اهن چيو ته اهو ڪيس پاڪستان جي سياست جي مستقبل جو بنياد آهي، هن چيو ته عدالت ۾ سنڌ هائوس جي معاملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، پوليس سنڌ هائوس تي جيڪو ايڪشن کنيو، عدالت ان مان مطئمن آهي ۽ ان معاملي کي ختم ڪيو ??يو آهي، هن چيو ته سنڌ هائوس ۾ جيڪا بدبودار راند کيڏي وئي آهي ان جو مداوا ناهي ٿيو. سنڌ هائوس ۾ جهڙي طرح سان ضمير فروشي ٿي رهي آهي ان کي روڪڻ ضروري آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ڪجهه ماڻهو پنهنجي ڪاوڙ تي ضابطو نٿا رکي سگهن ۽ انهن سنڌ هائوس جي ٻاهران احتجاج ڪيو، پوليس ان تي ڪارروائي ڪئي ۽ اهو معاملو ختم ٿي ??يو آهي، هن چيو ته سينيٽ اليڪشن ۾ يوسف رضا گيلاني لاءِ ووٽ خريد ڪرڻ جون وڊيوز آيون جيڪي اليڪشن ڪميشن موڪليون ويون پر ان تي ڪارروائي نه ٿي، جيڪڏهن ان وقت ڪارروائي ٿئي ها ته اڄ ماڻهو خريد ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جو ڌنڌو بند ٿي وڃي ها ۽ اسان کي هارس ٽريڊنگ کي ٻيهر منهن نه ڏيڻو پئي ها، چوڌري فواد حسين چيو ته عدليه فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن کي چيو هو ته ووٽ جي ٽريس ايبلٽي کي يقين بڻايو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن تي سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ وڪرو ڪرڻ جو الزام لڳي ٿو ته ان جو ووٽ ٽريس ڪري سگهجي، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل نه ڪيو جنهن جي ڪري اڄ اهو بحران درپيش آهي، هن چيوته هارس ٽريڊنگ روڪڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ جو اهو ڪيس انتهائي اهميت وارو آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان پاڪستان ۾ هڪ ن??ين سياست جو بنياد رکيو ويندو، ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو ف??صل?? اسپيڪر ڪندو جڏهن ته نااهلي جو ف??صلو عدالت کي ڪرڻو اهي، هن چيو ته جيڪڏهن ڪو پارٽي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهي منتخب ٿي پارليامينٽ ۾ اچي ۽ ان کي پارٽي پاليسي سان اختلاف هجي ته اهو مستعفي ٿي عوام وٽ ٻيهر وڃي، اليڪشن وڙهي ۽ عوام جي ووٽ سان چونڊجي اچي پر ائين نٿو ٿي سگهي ته عمران خان جي نالي تي يا ڪنهن پارٽي جي منشور تي اليڪشن کٽي اچي ۽ پوءِ انهي جي پٺي ۾ ڇرو هڻي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مسلم ليگ (ق) ۽ ايم ڪيو ايم ڪابينا جو حصو آهن، ٻه ٻه وزارتون انهن وٽ آهن، جيستائ??ن اتحادي ڪابينا ۾ آهن ته ظاهر آهي اهي گڏ آهن، هڪ ٻي سوال تي هن چيو ته آرٽيڪل 63 اي تاحيات نااهلي بابت آهي، ان باري ۾ فيصلو سپريم ڪورٽ کي ڪرڻو آهي، سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ ان کان پهرين فيصلو ڏئي چڪي آهي ته جيڪڏهن نااهلي جو مدو آئين ۾ لکيل ناهي ته اهو تاحيات آهي. اهو ف??صلو آرٽيڪل 63 تي آهي، آرٽيڪل 63 اي تي نه هو، اسان تشريح لاءِ آيا آهيون ته آرٽيڪل 63 جو ف??صلو 63 اي تي به لاڳو ٿيندو يا نه.