اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ۽ قانون وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين عالمي سازش جي ذريعي حڪومت جي تبد??لي ۽ بي اعتمادي رٿ جهڙن عملن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ ج?? هدايت جاري ڪري ڇڏي. قانون وا??ي وزارت جي چارج سنڀالڻ کانپوءِ اطلاعات ۽ نشريات ۽ قانون وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪميشن قائم ڪرڻ جي لاءِ حڪم جاري ڪيا. اها ڪمي??ن عالمي سازش جي جاچ ڪري پنهنجي رپورٽ جوڙيندي. قانون وا??ي وفاقي وزير اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ۾ درجنين ليگل آفيسرن کي تبديل ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا. هن قانون ۽ انصاف وا??ي وزارت جي سمورن آفيسرن کي پنهنجا فرض بهتر انداز ۾ سرانجام ڏيڻ ج?? هدايت پڻ ڪئي.