ڪراچي – 28 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌي رهي آهي، ملڪ ۾ ويليوا يڊيشن جي ذريعي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ ۽ روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. اها ڳالهه هن ڪراچي کان تقريبن 80 ڪلوميٽر پري نوري آباد ۾ سروس لانگ مارچ (ايس اي?? اي??9 ٽائر فيڪٽري جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ڊاڪٽر عارف علوي ٻڌايو ته ايس اي?? اي?? فيڪٽري جو قيام چيني ۽ پاڪستاني سيڙپڪارن جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي، صدر خوشي جو ??ظه??ر ڪيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌي رهي آهي. هن چيو ته 2013- 2018ع دوران ٽائرن جي اسمگلنگ ۾ اضافو ڏٺو ويو پر هاڻي ملڪ ۾ ٽائرن جي تياري سان اسمگلنگ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. هن چين جي حڪومت ۽ ان جي قيادت کي ساراهيندي چيو ته زراعت، آٽو ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي شعبا آهن جتي اسان چيني ڪمپنين سان تعاون ڪري سگهون ٿا ۽ ٻنهي ملڪن ۽ ان جي عوام جي لاءِ فائديمند ٿيندو. ڊاڪٽر عارف علوي ٻڌايو ته ملڪ ۾ ويليو ايڊيشن جي ذريعي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ ۽ روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن، هن ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ واپاري برادري کي سهولتون فراهم ڪري شاندار ڪم ڪيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسٽيڪ هولڊر کي پاليسي سازي جي عمل ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. صدر چيو ته عورتن ۽ معذور ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن ته جيئن بئنڪنگ ۽ ٻين شعبن ڪيو آهي، ان موقعي تي اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين کي وڌائن لاءِ عارضي فنانس اڪنامڪ فيسيلٽي (ٽي آر اي?? اي) متعارف ڪرائي آهي ۽ ان اسڪيم جي ذريعي خاص طور تي ننڍي ڪاروبار کي ترجيحي ??ني??دن تي قرض ڏنا پيا وڃن، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر چيو ته ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين کي فروغ ڏيڻ لاءِ ننڍي ڪاروبار جي لاءِ ڪمرشل بئنڪن جي ذريعي ترجيحي ??ني??دن تي قرض ڏنا پيا وڃن ان موقعي تي سي اي او ايس اي?? اي?? عثمان سعيد چيو ته ايس اي?? اي?? ملڪ جي ايڪسپورٽ تي ٻڌل ڪمپني آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان م??اف??و ڪمايو پر ان جو وڏو حصو ملڪ ۾ ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي تي خرچ ڪيو پيو وڃي. سي اي او ٻڌايو ته اسان ملڪ ۾ غريب ماڻهن جي خدمت لاءِ اسپتالون قائم ڪيون آهن ۽ ان کانسواءِ ملڪ ۾ ٻين فائونڊيشنز کي هر قسم جي مدد فراهم ڪئي وئي آهي.