اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران ترڪيه جي جمهوري ڏهاڙي تي ترڪ حڪومت ۽ عوام کي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ترڪيه سدائين مسلمان امت جي اهم مسئلن تي آواز اٿاريو آهي. ايوا?? صدر جي پريس ونگ موج?? صدر ترڪيه جي 101هين جمهوري ڏهاڙي تي مبارڪباد جي پيغام ۾ چيو ته ترڪيه گذريل هڪ صديءَ ۾ مختلف شعبن ۾ مثالي ترقي ڪئي آهي، اميد آهي ته ترڪيه صدر رج?? طيب اردوان جي قيادت ۾ ترقي جون وڌيڪ منزلون طئي ڪندو. صدر چيو ته پاڪستان ترڪيه لاڳاپا گڏيل تاريخ، ق??رن تي ٻڌل آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه مشڪل وقت ۾ سدائين هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا ۽ پاڪ ترڪيه لاڳاپا وقت سان گڏ مضبوط ٿيندا پيا وڃن.