باڪو – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي چيو آهي ته پائيدار ترقي ۽ استحڪام امن ۽ سلامتي لاءِ ضروري آهن، ڀارتي قدم ڪشميرين جي خودمختياري واري حق تي سڌو سنئون حملو آهي، ڪشمير مسئلو پرامن ۽ منصفاڻو حل وقت جي اهم ضرورت آهي، پاڪستان افغانستان مسئلي جي پرامن ۽ سياسي حل لا??ِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان پائيدار عالمي امن ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي غير وابسته تحريڪ جي سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.