ڪراچي – پ??ري?? فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات دوران سنڌ جي لاءِ وفاقي حڪومت جي ترقياتي منصوبن، معيشت ۾ بهتري جي لاءِ کنيل قدمن سميت عوام جي مسئلن جي حل لاءِ ترجيحي قدمن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻي?? معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.