اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي چيو آهي ته چين پاڪستان اقت??اد?? لنگهه منصوبو نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه هموار ڪندو، افغانستان ۾ امن ۽ نئين سر ??عمير ??ي پيش نظر ??ي پيڪ جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ وڌندڙ تعاون ٻنهي ملڪن جي مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي آهي. هو ڪراچي ڪائونسل براءِ پرڏيهي لاڳاپن جي اهتمام هيٺ سي پيڪ پرويبينار کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم جو خاص مددگار ۽ سي پيڪ اٿارٽي جو چيئرمين لفيٽننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، ??اڪستان ۾ چين جو سفير يائو جنگ ۽ ڪراچي ڪائونسل آف فار ??ليشنز اڪرام سهگل به خطاب ڪيو.