اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان القادر يو??يورسٽي جي تعمير جو ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڄاڻايل يو??يورسٽي ۾ نوجوان نسل کي سيرت النبي صه جي مختلف رخن ۽ صوفي?? جي تعليم کان روشناس ڪرائڻ سان گڏوگڏ جديد تعليم جي پڻ منصوبابندي ڪئي وڃي ته جيئن شاگردن کي موجوده وقت جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مڪمل طور تي تيار ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيرت النبي صه ۽ صوفي?? جي تعليم جي فروغ جي ??وا??ي سان تعمير ڪئي ويندڙ القادر يو??يورسٽي قائم ڪرڻ ۾ اڳڀرائي جي ??وا??ي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، بئريسٽر علي ظفر، برگيڊيئر (ر) جميل سرور ملڪ ۽ ٻيا شريڪ هئا. وزيراعظم کي القادر يو??يورسٽي قائم ڪرڻ ۾ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي بابت تف??يلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم عمران خان اسلامي قدرن ۽ صوفي?? جي تعليم جي فروغ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته معاشري جي اصل روح ۽ معاشرتي قدرن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته نوجوان نسل کي سيرت النبي صه جي مختلف رخن ۽ صوفي?? جي تعليم کان روشناس ڪرايو وڃي.