اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) آئل اينڊ گئس ??يگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) کي آر ايل اين جي سان هلندڙ سي اين جي اسٽيشنن کي نوان لائيسنس جاري ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي آهي، اجلاس ۾ ايس اين جي پي ايل کي ??وڳ??ڙين ۾ اڳوڻي شارٽ فال جي ريڪوري ۽ سردي جي ايندڙ موسم ۾ آر ايل اين جي جي ڊائيورزن ذريعي گهريلو ۽ ڪمرشل شعبن جي لاءِ گئس ??ي انتظام ۽ انصرام جي اجازت پڻ ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي ڪڻڪ جي وڌيڪ خريداري جي لاءِ ڪڻڪ جي قيمت جي حوالي سان روس جي حڪومت سان ڳالهين جي لاءِ ناڻي واري سيڪريٽري، واپار واري سيڪريٽري ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري سيڪريٽري تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ?? وزيراعظم جي ناڻي ۽ ??وڳ??ڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.