اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ?? پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايڪنڪ جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ منصوبابن??ي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، صوبائي وزيرن ۽ وفاقي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. ڪميٽي اٽڪل 217 ارب رپين جي لاڳت سان 7 ترقياتي منصوبن تي غور ڪيو ۽ انهن جي منظوري ڏني. ڪميٽي سنڌ ايمرجنسي فلڊ بحالي پراجيڪٽ جي آ??پا??ي نظام جي دائره ڪار ۾ اضافي جي منظوري ڏني. اجلاس سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبن ۾ ايندڙ ڪاريڪ ڪورڊور روڊ انفراسٽرڪچر پراجيڪٽ تي نظرثاني جي پڻ منظوري ڏني. ڪميٽي 25.4 ارب رپين جي لاڳت سان ڪراچي واٽر سپلاءِ اينڊ سيوريج امپروومن?? پراجيڪٽ جي نظرثاني ٿيل منصوبي ۽ پنجاب جي اسڪولن ۾ حاضري ۽ س??ڻ جي نتيجن کي بهتر بڻائڻ جي مقصد سان ورلڊ بئنڪ جي فنڊيڊ پراجيڪٽ گريڊز جي پڻ منظوري ڏني.