اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٽيڪس نظام ۾ بهتري جي لاءِ عوام ۾ اعتماد جو فروغ لازمي آهي، اڌ ٽيڪس اوڳاڙيون قرضن جي ادائيگي ۾ خ??چ ٿي وڃن ٿيون، ماڻهن وٽ پئسو آهي پر اسان انهن کي ٽيڪس نظام ۾ شامل ??ه ڪري س??هاسين، اسان کي ٽيڪس ادائيگي کي قومي فرض سمجهڻو پوندو، ٽيڪس اوڳاڙيون نه وڌايون ويون ته سخت مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو، جهڙي طرح اسان هلي رهيا آهيون اهڙي طرح ملڪ اڳتي نه ٿو وڃي س??هي، جيستائين حڪومت تي اعتم??د نه هوندو ماڻهو ٽيڪس نه ڏيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايف بي آر آفيسرن کي خطاب ڪندي ڪيو.