اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي آءِ پي پيز سان مفاهمت جي ياداشتن کي معاهدن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ 46 آءِ پي پيز کي ادائيگين بابت عملدرآمد ڪميٽ?? جي رپورٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي کن?? جي پيداوار ۽ وڪر?? جي عمل جي نگراني لاءِ وڊيو ايناليٽڪس سسٽم (وي اي ايس) لڳائڻ جي سمر?? جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وزير جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، عمر ايوب خان، وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، اوڳاڙ??ن واري خاص معاون ڊاڪٽر وقار مسعود، پاور واري خاص معاون تابش گوهر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ سيڙپڪاري بور?? جي چيئرمين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. توانائي واري وزارت جي سيڪريٽري رهتن جي ادائيگي لاءِ طريقيڪار جوڙڻ جي ڏس ۾ ڪميٽي کي عملدرآمد ڪميٽ?? جي آءِ پي پيز سان مفاهمت جي دستاويزن کي معاهدن ۾ تبديل ڪرڻ بابت تفصيلي رپورٽ تي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته عملدرآمد ڪميٽي رهتون ڪليئر ڪرڻ جي ڏس ۾ 30 نومبر 2020ع تائين 46 آءِ پي پيز کي ادائيگ?? جي طريقيڪار تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي، اي سي سي عملدرآمد ڪميٽي ۽ لاڳاپيل ماڻهن ۽ وزارتون خاص طور توانائي واري وزير، منصوبابندي واري وزير، پاور واري خاص معاون، ناڻي واري وزارت، فيڊرل لينڊ ڪميشن جي چيئرمين، اوڳاڙ??ن واري خاص معاون ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر پاران آءِ پي پيز کي رهتن جي ادائيگي لاءِ عمل جوڳو طريقيڪار جوڙڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي ساراهيو. ان سان انهن پروجيڪٽ جي سراسري عمر تائين پاڪستان جي حڪومت کي 836 روپين جي بچت ٿيندي، اقتصادي ڪميٽي عملدرآمد ڪميٽ?? جي رپورٽ جي منظوري ڏني ۽ ان کي حتمي منظوري لاءِ ڪابينا آڏو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.