صوابي– 05 آگسٽ (اي پي پي) قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر اسد قيصر چيو آهي ته 7 ڏهاڪا گذري وڃڻ جي باوجود ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي آئي، عالمي ا??ارا ڪشميرين تي ڀارتي ظلم جو نوٽيس وٺن پاڪستان دنيا ۾ تيزي سان ماحولياتي تبديلين کان متاثر ٿيندڙ ملڪ آهي، خيبرپختونخوا حڪومت ۾ وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ بلين ٽري سونامي منصوبي جو آغاز ڪيو ويو، بلين ٽري سونامي منصوبي مان 3 لک 50 هزار ايڪڙ زمين جي واڍي کي روڪيو ويو. جامع صوابي ۾ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ اسپيڪر ٻوٽو لڳايو. ان موقعي تي ا??پيڪر چيو ته بلين ٽري سونامي منصوبي جي ڪاميابي جو اعتراف عالمي ا??اران ڪيو. خيبرپختونخوا دنيا جو واحد صوبو بڻجي ويو آهي جنهن ”بون چئلينج“ وقت کان پهرين مڪمل ڪيو. هن چيو ته عوام کي درخواست ڪر??ان ٿو ته وزيراعظم جي ويزن موجب ”بلين ٽري سونامي“ ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن ته جيئن پنهنجي ٻارن ۽ ايندڙ نسلن کي هڪ سرسبز ۽ صاف پاڪستا?? ڏئي سگهون. هن چيو ته اڄ 5 آگسٽ استحصال ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي ڀارت جي غير آئيني ۽ غير انساني قدمن جي پرزور مذمت ڪر??ان ٿو. وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان حڪومت پنهنجي مظلوم ڪشميرين ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. وزيراعظم عمران هر فورم تي مظلوم ڪشميرين جي لاءِ آواز اٿاريو آهي.