اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخ??وم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪري رهيا آهيون. افغانستان ۾ انساني بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جيڪڏهن اوهان افغانستان جي فوري مالي معاونت جي فراهميءَ لاءِ تيار نه آهيو ته گهٽ ۾ گهٽ کين ڏيوالپڻي کان بچايو وڃي. قطر جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته ??اڪ??تان اسان جو اسٽريٽجڪ شراڪتدار آهي، ??اڪ??تان سان دفاعي ۽ اقتصادي سميت تمام شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. وفد جي سطح تي ڳالهين کانپوءِ پرڏيهي وزارت ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جون وفد سطح تي ڳالهيون لا??ائ??يون رهيون آهن. هن چيو ته افغان امن عمل ۾ قطر خاص ڪري پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. افغانستان جي حوالي سان اسان جي نڪته نظر ۾ هڪجهڙائي آهي، مون قطري پرڏيهي وزير کي 20 کان ??ڌيڪ پرڏيهي وزيرن سان ??يل رابطن ۽ ڳالهين کان آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان اتفاق ڪيو آهي ته افغان شهرين کي تحفظ ۽ معاونت جي ضرورت آهي، جڏهن ته اسان امن مخ??لف ڌُرين تي ڪڙي نظر رکنداسين، اسان اتفاق ڪيو آهي ته افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني الميي جو ازالو پهرين ترجيح هئڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان افغانستان کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪري رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ ??اڪ??تان اڳ ۾ ئي امدادي شيون ڪابل موڪلي چڪو آهي، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ پڻ زميني رستن ذريعي وڌيڪ امداد ڪابل موڪلي ويندي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ انساني بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جيڪڏهن اوهان افغانستان جي فوري مالي معاونت جي فراهميءَ لاءِ تيار نه آهيو ته گهٽ ۾ گهٽ کين ڏيوالپڻي کان بچايو وڃي ۽ انهن جا اثاثا رليز ڪيا وڃن. هن چيو ته اسان ??اڪ??تان ۽ قطر وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جي مڪينزم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، اسان جاگرافيائي لحاظ کان ??ڪٻئي جي ويجهو هئڻ جي ناتي فوڊ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائي سگهون ٿا. مون کي اهو ٻُڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته قطر سماجي ۽ اقتصادي شعبي ۾ وڌيڪ ??اڪ??تانين جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته مون قطري پرڏيهي وزير کي گذارش ڪئي آهي ته قطر ويندڙ ??اڪ??تاني جن جي ويڪسين ٿي چڪي آهي انهن کي گهرن ۾ قرنطينه جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. قطر جي نائب وزيراعظم چيو ته قطر ۽ ??اڪ??تان ??چ ۾ خوشگوار ۽ ??ائ??اڻا لاڳاپا قائم آهن. ??اڪ??تان اسان جو اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهي، اسان ??اڪ??تان سان دفاعي ۽ اقتصادي سميت سمورن شعبن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته اسان افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي چاهيون ٿا. افغان امن عمل ۾ ??اڪ??تان جي مخلصاڻي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته ڪنهن به انساني الميي کان بچڻ لاءِ اسان کي افغان عوام جي مدد لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو.