اسلام ??باد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ا??د قيصر سان آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته آذربائيجان خطي جو هڪ اهم ملڪ آهي، پاڪستان آذربائيجان سان پ??هنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ا??د قيصر چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا مذهب، ڀائيچاري ۽ گڏيل احترام ??ي مضبوط بنيادن تي هموار آهن، پاڪستان آذربائيجان سان پارلياماني ۽ معاشي رابطن کي فروغ ڏئي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي، هن چيو ته عوامي ۽ واپاري سطح تي رابطن کي فروغ ڏئي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. آذربائيجان جي سفير چيو ته آذربائيجان پاڪستان سان پ??هنجي دوستاڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. آذربائيجان پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي.