اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته پاڪستان سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ ۾ متحده عرب امارات جي ماڊل تي عمل ڪرڻ چاهي ٿو، گوادر بندرگاهه وچ ايشيا جي رياستن کي ويجه?? آهي اهو عالمي واپار لاءِ هڪ اضاف?? آهي، ۽ متحده عرب امارات جي جبل علي پورٽ جو ڪم ڪري رهي آهي، اها ان کي سگهه ڏيندي، ٻئي بندرگاهون هڪٻئي ??ي مضبوط بڻائي سگهن ٿيون. امارات نيوز ا??جنسي کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ صدر چي?? ته گوادر پورٽ مئي 2021ع ۾ مڪمل طور تي آپريشنل ٿي وي?? آهي ۽ 50 هزار ڊيڊ ويٽ بلڪ ڪيريئرز کي سنڀالڻ جي صلاحيت رکي ٿو، متحده عرب امارات جي وزيراعظم شيخ محمد سان پنهنجي ملاقات ۽ پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 50 هين سالگرهه جي باري ۾ ڳالهائيندي عارف علوي چي?? ته ان سان ملي خوشي ٿي، دنيا ۾ دبئي جو ڪردار واکاڻ جوڳ?? آهي، دبئي ??اروبار کي سٺي طرح سمجهي ٿو، هن وٽ محدود وسيلا هئا پر ان سڄي دنيا جي وسيلن کي پنهنجي طرف متوجهه ڪيو، صدر ٻڌاي?? ته هن مون کي پنهنجو ڪتاب ”منهنجي ڪهاڻي“ ڏنو جيڪو اردو ۾ آهي ۽ آئون ان کي ضرور پڙهندس ڇاڪاڻ جو مون ان جي سوانحه عمري ۾ دلچسپي رکان ٿ?? ته هن ڪهڙي طرح تبديلي جي قيادت ڪئي ۽ پوءِ توهان پنهنجي ملڪ کي نئين بلندين تي وٺي ويو، اهو دبئي ۽ متحده عرب امارات جو هڪ انوکو تجرب?? آهي ۽ اهو اسان پاڪستان ۾ به ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چي?? ته متحده عرب امارات سان لاڳاپن ۾ گذريل سالن ۾ زبردست بهتري آئي آهي، اسان جي لاڳاپن جو بنياد مضبوط آهي، جيڪا ڀائيچاري ۽ هڪ گڏيل مذهب تي ٻڌل آهي، متحده عرب امارات ۽ پاڪستان سدائين امن جي ڪوشش ڪئي آهي، صدر عارف علوي وضاحت ڪئي ته سندس ملڪ ان طريقي سان تمام گهڻو سکي سگهي ٿو، جهڙي طرح متحده عرب امارات پاڻ کي دنيا ۾ سيڙپڪاري ۽ واپاري مرڪز طور تي پيش ڪي?? آهي، پاڪستان متحده عرب امارات وانگر هڪٻئي ??اروباري ڊومين ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي?? آهي، جيئن ته اسان وٽ خصوصي اقتصادي ۽ برآمدي زونز آهن جتي صنعتي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ??ئي پئي وڃي، اسان وٽ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز ا??ارٽي به آهي، جتي ماڻهو سرمايو لڳائي سگهن ٿا ۽ حڪومت ان ڳالهه جي ضمانت ڏي ٿي ته توهان پنهنجو سرمايو ۽ منافعو ڪڍي سگهو ٿا، ڪو ٽيڪس نه آهي ۽ اها سيڙپڪاري جي جنت آهي، صدر متحده عرب امارات جي مدد سان تعليم کي بهتر بڻائڻ، عورتن ۽ تازن ڄاول ٻارن جي صحت جو خيال رکڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ڊجيٽل معيشت ۾ شموليت لاءِ قدم کڻي رهي?? آهي.