اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جاپان سان پنهنجي ٻطرفي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏ?? ٿو ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاه?? ٿو ڇو ته مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جا تمام گهڻا امڪان موجود آهن، پاڪستان ڪاروبار جا زبردست موقعا پيش ڪيا آهن ۽ جاپاني ڪمپنيون معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي زراعت، آٽوموبائيل، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيڪسٽائيل، ايس ايم ايز ۽ توانائي جي شعبن ۾ ڪاروباري دوستاڻي ماحول مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ جاپان جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڪونينوري مستودا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ??در چيو ته پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن ۽ ٻنهي ملڪن کي گ??يل دلچسپي جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائ?? جي ضرورت آهي. هن مهارت ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون وڌائ?? جي ضرورت تي زور ڏنو. هن جاپان حڪومت جي جي ڊي ايس اسڪالرشپ پروگرام ۾ پاڪستان کي شامل ڪر?? جي فيصلي جي آجيان ڪئي جنهن تحت پاڪستان جي 20 شاگردن کي جاپاني يونيورسٽين ۾ گريجوئيٽ ڪورسز ۾ حصو وٺڻ جا موقعا فر??هم ڪيا ويندا. ??در آڪٽوبر 2019ع ۾ پنهنجي جاپان جي دور جو حوالوڏيندي چيو ته هن جاپان جي قيادت سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهه ٻولهه ڪئي، هن جاپان جي عالمي تعاون ايجنسي (JICA) ۽ جاپاني ڪمپنين جي ڪردار کي به ساراهيو جنهن پاڪستان ۾ ترقي ۾ ڪردار ادا ڪيو، جاپاني سفير ??در کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان ماهيگيري ۽ زرعي مصنوعات جو وڏو روانگي واپار ڪندڙن ۾ شامل آهي، جنهن ۾ چانور، کجور، تر، انب، گوار، سيانتا ۽ لُوڻ شامل آهن، هن ٻڌايو ته ٽوياٽا آٽوموبايل ڪمپني پاڪستان ۾ جديد ترين هائبرڊ ڪارن جي تياري لاءِ 100 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندي، ان کانسواءِ آٽوپارٽس بڻائ?? جي لاءِ ڪمپنين جي مدد ڪندي، هن وڌيڪ چيو ته جاپان اوساڪا 2025ع ايڪسپو منعقد ڪندي ۽ ايڪسپو ۾ پاڪستان جي شرڪت جي درخواست ڪئي آهي، هن چيو ته سال 2022ع پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه ملهائيندي، اميد آهي ته ٻئي ملڪ مناسب طريقي سان سالگرهه ملهائيندا، ??در سفير کي پاڪستان ۾ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪ جاپان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪر?? جي ڪوششن کي ساراهيو.