اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران ??ان چيو آهي ته ڪورونا جي بندشن جي ڪري عالمي سطح تي ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ غيرمعمولي اضافي جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ??ن چئلينج کي سراسري طور بهتر انداز ۾ منهن ڏنو آهي. وز??راعظم عمران ??ان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ غيرمعمولي اضافي سان ??نيا جا ڪيترائي ملڪ ڪورونا لاڪ ڊائون جي نتيجي ۾ بري طرح متاثر ٿيا آهن پر پاڪستان ماشاءَ الله سراسري طور تي بهتر رهيو آهي. وز??راعظم ناڻي واري صلاحڪار جي ترجمان مزمل اسلم جو هڪ وڊيو ڪلب به شيئر ڪيو جنهن ۾ پاڪستان ??ي معيشت بابت ڪجهه غلط تصورن ??ي رد ڪيو ويو. مزمل اسلم فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جي انگن اکرن جو حوالو ڏيندي چيو ته هن سال سيپٽمبر کان ??ڪٽوبر تائين کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ 1.9 سيڪڙو، ورلڊ سيريل انڊيڪس ۾ 3.2 سيڪڙو، کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ 9.6 سيڪڙو ۽ ڊيري مصنوعات جي قيمتن ۾ 2.6 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. مزمل اسلم چيو ته عالمي سطح تي ناڻي واڌ جي رجحان ??ي باوجود آڪٽوبر ۾ پاڪستان ??ي روانگي واپار ۾ 17 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو ۽ هن سال اهو 30 بلين ڊالر تائين پهچڻ جو امڪان ??هي. هن سال ٽيڪسٽائيل جو روانگي واپار 22 ارب ڊالر تائين پهچڻ جي امي?? آهي.