اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ ڊپٽي ??يئرمين سينيٽ مرزا محمد آفريدي چيو آهي ته حڪومت معذور ماڻهن کي تعليم ۽ ملازمتن جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي. خصوصي ماڻهن جي ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد معذور ماڻهن جي حقن جي سلسلي ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ معاشري ۾ ان جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪرڻ آهي. هنن پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ چيو ته معذورن کي حقن جي فراهمي معاشري ۾ برابري ۽ انصاف جي قيام لاءِ ضروري آهي. پاڪستان ۾ احساس پروگرام تحت معذور ماڻهن کي علاج جي مفت سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. اسان کي زندگي جي سڀني شعبن ۾ خصوصي ماڻهن کي برابر ترقياتي موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته معاشري کي انهن ماڻهن جي ضرورتن جو احساس هجڻ گهرجي ?? انهن جي ضرورتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. معذورن کي خودمختيار بڻائڻ لاءِ موثر قانونسازي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.