اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي بلوچستان اسيمبل?? جي نئين چونڊيل اسپيڪر مير جان محمد جمالي جي ??يريت دريافت ڪرڻ ڪوئيٽا ۾ سندس رهائشگاهه تي ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب بلوچستان اسيمبل?? جي نئين چونڊيل اسپيڪر جان محمد جمالي جي ??بيع?? گذريل ڪجهه ڏينهن کان ناساز آهي. سينيٽ چيئرمين جان محمد جمالي جي ??لد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي، سينيٽ چيئرمين جان محمد جمالي کي مڪمل آرام جو مشورو به ڏنو، ملاقات دوران ملڪي صورتحال ۽ خاص طور تي بلوچستان جي ??قتصادي صورتحال، ترقياتي منصوبن ۽ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ??. ج??ن محمد جمالي خيريت دريافت ڪرڻ تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي جو ٿورو ادا ڪيو، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي به سينيٽ چيئرمين سان گڏ هو. ڊپٽي چيئرمين به جان محمد جمال?? جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.