اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڄ سڀ کان وڏو چئلينج قائدا??ظم محمد علي جناح جي پاڪستان کي واپس آڻڻ آهي، قائدا??ظم ۽ علامه اقبال هڪ اهڙي رياست جو قيام چاهي??دا هئا جتي اسلام کي مڃيندڙ ۽ اقليتون آزادي سان زندگي گذاري سگهن. وزيرا??ظم عمران خان انهي پاڪستان جي ڳالهه ڪندو آهي، جنهن جو خواب قائدا??ظم محمد علي جناح ڏٺو هو، اها ڳالهه هن قائدا??ظم محمد علي جناح جي حوالي سان تصويري نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قائدا??ظم محمد علي جناح جو پيغام واضح آهي، هندستان ۽ بنگلاديش جا ڪيترائي ليکڪ قائدا??ظم جي باري ۾ ڪنفوزن جو شڪار آهن، هن چيو ته ج??ڙي طرح جو پاڪستان قائدا??ظم چاهي رهيو هو هن پنهنجي ٽن وڏين تقريرن ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو، قائدا??ظم ۽ علامه اقبال ماڊرن ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ اڳواڻ هئا، ننڍي کنڊ جي مسلم قيادت ڄاڻي چڪي هئي ته مستقبل ۾ مسلمانن ۽ ٻين اقليتن سان ڪهڙو سلوڪ ٿيندو، هن چيو ته علامه اقبال گهڻو پهرين ڏسي ڇڏيو هو ته مسلمانن کي ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون، قائدا??ظم هندستان جي سياست ڏسي پاڪستان ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ سيالڪوٽ واقعي تي پوري پاڪستاني قوم متحد ٿي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي، هندستان ۾ اهڙا واقعا روز جو معمول آهن، اڄ ڀارت ۾ مسيحي برادري ۽ مسلمانن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو دنياجي سامهون آهي، نريندر مودي ۽ بي جي پي اقليتن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته نريندر مودي جي حڪومت جي تحت اڄ ڀارت زوال جو شڪار آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي قيام جو مقصد اقليتن جي حقن کي تحفظ ڏيڻ هو، پاڪستان ان خطي جي روشن اميد آهي، قائدا??ظم پنهنجي پيغام ۾ واضح هيو، ان جي ان پيغام کي حاصل ڪرڻ ئي سڀ کان وڏي جنگ آهي، هن چيو ته قائدا??ظم محمد علي جناح جي جنم ڏينهن جي موقعي تي تصويري نمائش جو انعقاد خوش آئنده آهي، اسان کي قائدا??ظم جي پيغام کي عام ماڻهو تائين پهچائڻ جي تحريڪ شروع ڪرڻي پوندي، وفاقي وزير قائدا??ظم جو جنم ڏينهن شاندار طريقي سان ملهائڻ، اسلام آباد ۾ آ??ش بازي ۽ رنگ ونور جي محفل جي انعقاد تي سمورن منتظمين کي مبارڪباد پيش ڪئي.