اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) پاڪستان سارڪ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار بابت ڀا??تي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي ڪوڙن دعوائن ۽ تڪراري ريمارڪس کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته سارڪ عمل ۾ ڀا??ت رڪاوٽ هڪ تسليم ٿيل حقيقت آهي، پاڪستان ڀا??تي سازشن جي ڀرپور مخالفت ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ واري امن مخالف ايجنڊا کي بي نقاب ڪندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار احمد ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته پنهنجي متعصباڻي روين ۽ چارٽر جي شقن جون خلاف ورزيون ڪندي ڀا??ت 2016ع ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ 19 هين سارڪ سربراهي ڪانفرنس کي روڪڻ جو ذميوار آهي.
ترجمان چيو ته ڀا??ت جو جانبداراڻو رويو علائقائي تعاون لاءِ هڪ قابل قدر پليٽ فارم کي تيزي سان غير فعال ڪري رهيو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان اميد ڪري ٿو ته ڀا??ت پنهنجي خود غرضاڻي طرز عمل تي نظرثاني ڪندو ۽ ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سارڪ عمل کي اڳتي وڌڻ جي قابل بڻائيندو. هن چيو ته جيڪڏهن ان جي راهه ۾ ايندڙ هٿرادو رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن ته پاڪستان ايندڙ سارڪ سربراهي اجلاس جي ميزباني لاءِ تيار آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته ڀا??تي عملدارن پاران ڪو به مبهم ۽ غلط بياني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀا??ت جي رياستي دهشتگردي جي لڪائي نٿو سگهي.
ترجمان چيو ته ڪشميري عوام جي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي 2018ع ۽ 2019ع ۾ گ??يل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس پاران جاري ڪيل ٻن ڪشمير رپورٽن سميت عالمي انساني حقن جي مشينري وڏي پئماني تي دستاويزي شڪل ڏني آهي. ان ??ان??واءِ پاڪستان عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين، ڪشميري عوام ۽ پاڪستان ۾ ڀا??تي رياستي دهشتگردي جي باري ۾ ڪيترائي ڊوزيئرز فر??هم ڪيا آهن. ترجمان چيو ته ڀا??ت کي رياستي دهشتگردي کي پاليسي طور استعمال ترڪ ڪرڻو پوندو. پاڪستان ڀا??تي سازشن جي ڀرپور مخالفت ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ واري ان جي امن مخالف ايجنڊا کي بي نقاب ڪندو رهندو. ترجمان چيو ته ڀا??ت کي ڪشميرين جي منصفاڻي، جائز ۽ مقامي جدوجهد جي حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو. ڀا??ت ڪشميري عوام جي خواهشن جو احترام ڪندي کين گ??يل قومن جي چارٽر ۽ سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جو رد نه ڪرڻ جوڳو حق خود اراديت ڏي.