اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ايئر هيڊڪوارٽرز اسلام آباد جو دورو ڪ??و ۽ سربراهه پاڪ فض??ئيه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران حاضر دور جي تغيراتي جيواسٽريٽجڪ ۽ جيو پوليٽيڪل ماحول ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فض??ئيه جي ترجمان موجب ملاقات ۾ ايئر چيف وزيراعظم پاڪستان ۽ پرڏيهي وزير جي چين جي ايندڙ دوري جي مناسبت سان پاڪستان جي دوست ملڪ چين سان تعاون ۽ جديد ترين ٽيڪنالاجيز جي شعبي ۾ سمارٽ انڊڪشنز جي ذريعي ”پي اي ايف مارڊنائزيشن پروگرام“ بابت معلومات فراهم ڪئي، ملاقات ۾ ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعا??ن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، پرڏيهي وزير پي اي ايف جي بي مثال پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيندي پاڪ فض??ئيه کي نيڪسٽ جنريشن ايئر فورس جي طور تي جديد رخن تي هموار ڪرڻ لاءِ حڪومت جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي، هن قائداعظم جي ويزن ”سيڪنڊ ٽونن“ تي عمل پيرا پاڪ فض??ئيه کي ملڪ جو فتح نه ٿيڻ جوڳو دفاع فراهم ڪرڻ تي ساراهيو. ان موقعي تي ايئر چيف دنيا ۾ پاڪستان جي مثبت اميج کي اجاگر ڪرڻ ۾ پرڏيهي وزارت جي ??رد??ر جي واکاڻ ڪئي.