اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغان عوام کي خوراڪ جو بحران ۽ غذائي کوٽ درپيش آهي، اتي تمام وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، افغا??ست??ن جا اڪائونٽس منجمند ڪر?? سان افغان عوام سخت متاثر ٿي رهي آهي، سنڪيانگ ۾ صورتحال اهڙي نه آهي جيتري اولهه ميڊيا پيش ڪري رهي آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ معصوم ماڻه?? جي نسل ڪشيءَ ڪري رهيو آهي، آمريڪا جي دهشتگردي خلاف جنگ سان سڄي دنيا ۾ دهشتگرد?? جي انگ ۾ اضافو ٿيو، ان جنگ ۾ پاڪستان 80 هزار جاني?? جي قرباني ڏني. آمريڪي ٽي وي سي اين اين کي خصوصي انٽرويو ۾ هن هڪ سوال جي جواب م چيو ته آمريڪا کي سمجهڻ گهرجي طالبان حڪومت کي پسند نه ڪر?? جدا شيءَ آهي پر اهو اٽڪل 4 ڪروڙ افغان عوام جي بقاءَ جو سوال آهي جن مان اڌ انتهائي خطرناڪ صورتحال ۾ ورتل آهن، انهن کي خوراڪ جو بحران ۽ غذائي کوٽ درپيش آهي، افغا??ست???? جي سرديءَ تمام ظالم ۽ بي رحم آهي، ايندڙ ڪجهه مهين?? جي حوالي سان افغان عوام جي لاءِ هر ڪو فڪرمند آهي، اتي تمام وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، اها صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته ان کانسواءِ ڪو رستو نه آهي ته طالبان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪيو وڃي ۽ انهن سان انساني حقن خاص طور تي عورت?? جي حقن ۽ شموليتي حڪومت جي مطالبن تي ڳالهه ڪئي وڃي، پابنديون لڳائڻ ۽ اڪائونٽس منجمند ڪر?? سان انساني الميو جنم وٺندو ۽ افغا??ست??ن افراتفري جو شڪار ٿيندو، افغان پناهگيرن جو سيلاب اچي سگهي ٿو، پاڪستان ۾ اڳ ئي 30 لک افغان پناهگير آهن، افغا??ست??ن ۾ امن دنيا ۽ پاڪستا?? جي مفاد ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته آمريڪا جي دهشتگردي جي خلاف جنگ سان سڄي دنيا ۾ دهشتگرد?? جي انگ ۾ اضافو ٿيو، آمريڪي جنگ دوران وسيع پئماني تي جاني نقصان ٿيو، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 80 هزار جاني?? جي قرباني ڏئي چڪو آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته آمريڪا کي ڊرون حمل?? جي پاليسي تي نظرثاني ڪر??ي پوندي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ۾ خودڪش حملن جو سيلاب آيو. سنڪيانگ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ڀارت ۾ آر ايس ايس نظريي جي حڪمراني آهي، والاريل ڪشمير ۽ سنڪيانگ جي معاملي جو تقابلي جائزو ئي غلط آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ معصوم ماڻه?? جي نسل ڪشيءَ ڪري رهيو آهي، والاريل ڪشمير پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هڪ مڃيل تڪراري علائقو آهي، دنيا ان تڪرار کي تسليم ڪري ٿي. هن چيو ته اسان سنڪيانگ جي صورتحال ڄاڻڻ جي لاءِ پنهنجي سفير معين الحق کي سنڪيانگ موڪليو، ان موجب صورتحال اهڙي نه آهي جهڙي تصوير ڪشيءَ اولهه ميڊيا ڪري رهي آهي.