اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته تعميراتي ش??بي جي لاءِ مراعاتي پئڪيج ۽ صنعت جو درجو ڏيڻ سان ٻين صنعتن ک?? هٿي ملندي، وزيراعظم جو اهو قدم نئين اميد ۽ ترقي جو پيغام آهي، مزدور طبقي کان وٺي سيڙپڪار برادري سڀ ان مان فائدو کڻندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته فڪسڊ ٽيڪس جو مطالبو تسليم ڪندي سيمنٽ ۽ اسٽيل انڊسٽري کانسواءِ سمورن تعميراتي ش??ب?? تي ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪيو ويو، تعميراتي ش??بي جي فعال ٿيڻ سان ٻين صنعتن ک?? نئين زندگي ملندي جنهن مان هنرمند ۽ غيرهنرمند پورهيت فائدو کڻندا، پئڪيج ملڪ جي تعمير، عوام جي خوشحالي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو.