اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس کان بچاءُ ل??ءِ لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ ٻن هفتن جي واڌ، اڏاوتي صنعت سميت مختلف ڪاروبار کولڻ، ذخيره اندزوي ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام ل??ءِ سخت سزائن تي ٻڌل آرڊيننس آڻڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا سبب فوتگيون اندازي کان گهٽ آهن، تعميرات جي شعبي جي ل??ءِ اڄ اربع ڏينهن هڪ تمام و??و پئڪيج ڏينداسين، احتياطي تدبيرون اختيار ڪندي ٻيون صنعتون به ضرورت موجد کوليون وينديون، ارڙهين ترميم تحت صوبن کي ا??و اختيار حاصل آهي ته ڪنهن صنعت کي کولڻ جي حوالي سان پنهنجو ف??صلو پاڻ ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.