اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) سماجي تحفظ ۽ غربت ??ي خاتمي بابت ??اص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته احساس ايمرجنسي ڪيش ادائيگي جي آخ??ي 15 ڏينهن بايوميٽرڪ تصديق ۾ ناڪامي کي منهن ڏيندڙ صا??فين جي سهولت لاءِ نئون ويب پورٽل کوليو ويو آهي، پنهنجي وڊيو بيان ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته اهي صا??فين احساس ويب پورٽل جي لنڪ http://complaints.pass.gov.pk/ کي وزٽ ڪري س??هن ٿا، احساس ايمرجنسي ڪيش تحت ريگولر ادائيگيون 15 سيپٽمبر 2020ع تي بند ٿي چڪيون آهن، اهي اصل صا??ف جنهن جي آڱرين جي نشانن جي تصديق جا مسئلا آهن انهن کي ڪيش ادائيگيون 30 سيپٽمبر 2020ع تائين جاري رهنديون، اهي مستحق خاندان جنهن ۾ امدادي رقم جا اهل ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، انهن کي به ڪيش ادائيگيون 30 سيپٽمبر 2020ع تائين جاري رهنديون.