اسلام آباد – 23 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وبا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ عام ماڻهن جي زندگين کي محف??ظ بڻائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڪورونا جي پهرين مرحلي ۾ قابل تقليد حڪمت عملي ۽ وقت سر فيصلن سان وبا تي ضابطو آندو جنهن کي دنيا ساراهي رهي آ??ي، هاڻي اسان کي ٻئي مرحلي ۾ به سنجيدگي?? توازن ۽ احتياط جو دا??ن هرگز نه ڇڏڻ گهرجي. هو ملڪي سطح تي ڪورونا جي مجموعي صورتحال جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.