اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي نو??وا??ن جي معاملن واري خاص مددگار عثمان ڊار چيو آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جو اتحاد ضمني چو??ڊن ۾ ڇڙوڇڙ ٿي ويندو. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ڊي ايم ج??ن پارٽيون استعيفائن جي معاملي تي هڪ صفحي تي نه آهن. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽ?? پهرين پارٽي هوندي جيڪا ان اتحاد کان ڌار ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو آهي ته سنڌ ۾ ضمني چونڊون ڪرائي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته پيپلزپارٽي اسيمبلي تان استعيفائن جي باري ۾ سنجيده نه آهي. عثمان ڊار وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي کانسواءِ مسلم ليگ (ن) شهباز شريف گروپ به اسيمبلين ت??ن استعيفائون ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي.