اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي معاشي ترقي ج?? لاءِ سياحت ۽ مهمانداري ج?? شعبي جي اهميت کي اجاگر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ملڪ ۾ ان صنعت جي فروغ ۽ واڌ لاءِ نجي شعبي کي پنهنجو ڪردار وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر عارف علوي چيو ته سياحت ۽ مهمانداري ج?? شعبي ۾ نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت سان ملازمت جا موقعا پيدا ٿيندا. هو انٽرنيشنل ڪاليج ٽورازم اينڊ هوٽل مي??يج??ينٽ جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو، جنهن هتي ملاقات ڪئي.