غازي بروٿا – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته حڪومت آبادگارن جي مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي، آبادگارن سميت عوام کي سستي شمسي توانائي فراهم ڪئي ويندي، حڪومتي قدمن جا ثمر جلد آبادگارن تائين پهچندا. آبادگارن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته جعلي زرعي دوائن وارن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪنداس??ن. ??ن چيو ته محنت آبادگار ڪندو آهي ۽ فائدو مڊل مين کڻندو آهي. اسان مڊل مين جي ڪردار ۾ گهٽتائي ۽ عوام کي فائدو پهچائ?? لا??ِ قدم کڻي رهيا آهيون، هن چيو ته آبادگارن کي جهڙي اگهه تي جنسون ورتيون وينديون آهن ان کان ڪيتري ئي وڌيڪ قيمت تي وڪرو ڪيون وينديون آهن. هن چيو ته اسان زرعي پيداوار وڌائڻ ۽ آبادگار طبقي جي مدد لاءِ منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، آبادگارن کي آسان قسطن تي قرض جي فراهمي جو ??ائزو ورتو پيو وڃي، هن چيو ته ٽيوب ويل کي سولر تي منتقل ڪر?? لا??ِ قدم کڻي رهيا آهيون ان سان آبادگارن کي سستي بجلي دستياب ٿيندي.