سيالڪوٽ – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ ۾ شفاف چونڊن جي لاءِ حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ طرف وڃي رهي آهي، ملڪ ۾ شفافيت آڻيندڙ وزيراعظم ??ي خلاف سڀ چور گڏ ٿي ويا آهن، پاڪستان تحريڪ انصاف جو ڊسڪه مان اميدوار علي اسجد ملهي اليڪشن کٽي چڪو آهي، اليڪشن ڪميش?? کي گهرجي ته اها فوري طور تي چونڊ نتيجن جو اعلان ڪري، ڊسڪه جي عوام نواز شريف جي بيانيي، ڌوئنس، پئسي جي سياست کي سدائين جي لاءِ دفن ڪري ڇڏيو آهي، (ن) ليگي قيادت جي هڪ مهيني جون ڳالهيون ٻڌو ته ان ۾ واضح طور تي ان ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي ته اسان اليڪشن بندوق سان کٽينداسين. هو ڊسڪه ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن، پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، عثمان ڊار ۽ علي اسجد ملهي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. سينيٽر شبلي فراز وزيرن سان گڏ پي ٽي آءِ جي فوت ٿيندڙ ڪارڪنن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم ??مران خان جي هدايت تي اسان هتي آيا آهيون، سوڳوار خاندان سان همدردي جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ آيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) سدائين ڌوئنس، پئسي، غنڊه گردي، قتل غارت جي سياست ڪئي آهي، هن اليڪشن ۾ به انهن پنهنجي اسپيشلسٽ ما??هن جن ۾ راڻا ثناءُ الله، جاويد لطيف ۽ ٻي?? کي ڊسڪه انهي مقصد جي لاءِ موڪليو آهي. هن چيو ته اڄ ڊسڪه ۾ تقرير ۾ واڳون وارا ڳوڙها وهندي ڏسي ما??ل ٽائون واقعو ياد اچي ويو جنهن ۾ ٻارن، عورتن ۽ بزرگن تي گوليون هلايون ويون، ما??ل ٽائون تي حملو راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ ڪيو ويو آهي، اليڪش?? کي آلوده ۽ ما??ه?? کي ڊيڄارڻ جي لاءِ اهي قدم کنيا ويا. هن چيو ته ايتري ڪاوڙ ۽ دهشتگردي ان لاءِ آهي ته نواز شريف جي بيانيي کي شڪست ٿي رهي آهي، وزيرآباد جي اليڪشن، 2018ع جي اليڪشن جي نتيجن سميت هر اليڪشن ۾ هزارين ووٽن جو فرق آهي. هن چيو ته ڊسڪه ۾ (ن) ليگ 40 هزار جي ليڊ کنئي هئي ۽ اڄ اليڪشن هارائي رهيا آهن، انهن جي پيرن هيٺان زمين نڪري رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم ??مران خان جو بيانيو، نئين پاڪستان ۽ تبديلي جو انه?? کي ڊپ آهي، پي ٽي آءِ ائين ئي کٽيندي رهي ته انهن جي سياسي هڪ هٺي جو خاتمو ٿيندو.