اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي اڳ??اڻن پريس ڪانفرنس ڪري پنهنجي شڪست تسليم ڪري ورتي آهي، اسان گهڻو پهرين مخالف ڌر کي چيو هو ته سينيٽ اليڪشن شفاف ڪرائين ته ??نن اسان جي مخالفت ڪئي، انهن جي پريس ڪانفرنس ڏسي مون کي ڊپ لڳي رهيو آهي ته ڪ??ي اهي ماڻهو روئڻ نه لڳي وڃن. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ اسان جا 25 ووٽ وڌيڪ هئا پر اُهي کٽي ويا، ان وقت کين اصولن جي سياست ياد نه آئي، جيڪا اليڪشن انهن جي پسند جي هجي ته ان کي چوندا آهن ته ٺيڪ آهي ۽ جتي کين شڪست جو ڊپ هوندو آهي اتي اصولي سياست ياد اچي ويندي آهي. شبلي فراز چيو ته يوسف رضا گيلاني جي پٽ جي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اه?? ووٽ ضايع ڪرڻ جي طريقيڪار ٻڌائي رهيو آهي ۽ ان ضايع ٿيل ووٽن جي ڪري ئي اسان جو اميدوار هارايو. ڇانگامانگا کان ??نن اهو ڪم شروع ڪيو هو ته جيڪو اڄ تائين جاري آهي، اڃان به ??اڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ ۾ مصروف آهن، اسان جي ماڻهن سان به ??وٽ خريد ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو پيو وڃي.