اسلام آباد – 18 – مارچ (اي ??ي ??ي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته نئون پاڪستان ??قيقت ۾ نئين سوچ جو نالو آهي، تعميراتي شعبي ۾ واڌ سان ملڪي معيشت کي ڪورونا جهڙي وبا ۾ به بچيل رهي، ان ??عبي جي ڪري معيشت ۾ بهتري روزگار ۾ اضافو ۽ دولت جي وڌا ٿي، جنهن سان ملڪ تي چڙهيل قرض واپس ڪرڻ ۾ مدد ملندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پورهيت طبقي ۾ گهر ۽ فليٽ ورهائ?? جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو ذُلفي بخاري ۽ ورڪر ويلفيئر فنڊ جي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو ته 25 سال پراڻي منصوبي کي حقيقت ۾ تبديل ڪيو اها وڏي ڪاميابي آهي. 25 سالن کان ڪنهن ان کي پنهنجي ترجيحي بڻائڻ جو نه سوچيو اهي ماڻهو اها سوچ به سوچي به نٿا سگهن ته انهن جا پنهنجا گهر هوندا ڇاڪاڻ جو اهو ڪڏهن به ڪنهن حڪومت جي ترجيح نه هئي، وزيراعظم چيو ته نئون پاڪستان ??قيقت ۾ نئين سوچ جو نالو آهي، نئين پاڪستان ??و مقصد ئي ڪمزور طبقي کي مٿي آڻڻ آهي. اها اسان ??ڀني جي ذميداري آهي، هن چيو ته حڪومت جي سوچ اها ثابت ڪري ٿي ته اهو ڪنهن تي احسان نه آهي، اهو پورهيتن جو حق آهي اهي گهر پهرين مسواڙ تي ملندا هئا هاڻي اها ئي مسواڙ قسطن ۾ ويندي ۽ اهي گهر انهن جي ملڪيت هوندا. وزيراعظم چيو ته پنهنجو گهر سڀ کان وڏي نعمت سمجهي ويندي آهي، ڳوٺاڻن علائقن ۾ ايراضي گهٽ قيمت تي دستاب هج?? جي ڪري اتي گهر ٺاهڻ آسان هوندو آهي، جيتوڻيڪ شهرن ۾ مزدور طبقو پگهاردار، سرڪار ملازم ۽ پوليس ملازمن جي لاءِ پنهنجو گهر بڻائڻ زمين مهانگي هج?? جي ڪري ناممڪن هوندو آهي، هن چيوته اسان ??ئنڪن کان مارڪ اپ جو نئون قانون کڻي آيا آهيون جنهن سان ??ئنڪ پهرين ڀيرو ان ??بقي کي گهر ڏئي سگهندي، ان قانون کي ٺاهڻ ۽ عدالت مان ??جازت وٺڻ ۾ ٻه سال لڳا، دير جو سبب اهو ئي هو.